ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڏکڻ پنجاب جي مقرري واکاڻ جوڳو قدم آهي: شاهه محمود

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي  چيو آهي ته ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڏکڻ پنجاب جي مقرري واکاڻ جوڳو قدم آهي، ڏکڻ پنجاب جي چونڊيل نمائندي جي حيثيت ۾ وزيراعظم جو ٿورائتو آهيان. جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته  ڏکڻ پنجاب صوبي جو خواب پي ٽي آءِ جي  منشور ۾ شامل آهي  هن چيو ته  ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڏکڻ پنجاب جي مقرري عمل ۾ اچي چڪي آهي. هن چيو ته  ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن کي هاڻ ڪم ڪار لاءِ لاهور وڃڻ جي ضرورت نه پوندي. پرڏيهي وزير چيو ته  حڪومت جو اهو قدم اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي جي حوالي سان انتهائي اهم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔