گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي مذمت

نيويارڪ: گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ دهشتگردي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تي زور ڀريو آهي. سلامتي ڪائونسل شهيدن جي وارثن ۽پاڪستان سرڪارسان ٻڌي جو اظهار ڪيو ۽ حملي جي سهولتڪارن کي انهن جي انجام تائين پهچائڻ تي زور ڏنو.سلامتي ڪائونسل جي مڙني ميمبرن چين جي مطالبي تي ڪيل مذمت جي حمايت ڪئي، مذمتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي مجرماڻو ۽ غير منصفاڻو فعل آهي ، دهشتگردي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ به خطرو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔