زلمي خليل زاد جي پرڏيهي وزيرشاهه محمود قريشي سان ملاقات

اسلام آباد : افغانستان بابت آمريڪا جي خصوصي عيوضي زلمي خليل زاد پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي وزير سيد شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران خطي جي صورتحال افغانستان ۾ امن عمل بابت خيالن جي ڏئي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان مطابق ملاقات دوران افغانستان بابت آمريڪا جي خصوصي عيوضي زلمي خليل زاد ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيل دهشتگردي جي حملي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان افسوس جو اظهار ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران بروقت ڪارروائي ۽ جوانن جي مثالي جرت جي ساراهه ڪئي، ملاقات دوران ڳالهائيندي پرڏيهي مامرن جي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن عمل ۾ هن وقت تائين سٺي اڳڀرائي ٿي آهي، ڌرين طرفان بين الاافغان مذاڪرات تي رضامندي ۽ مذاڪراتي ٽيمن جو اعلان سٺو عمل آهي، انهن ڳالهين سان افغانستان ۾ مستقل ۽ جٽادار امن لاءِ رستو هموار ٿيندو، افغانستان ۾ امن عمل اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، ان موقعي تي اسان کي انهن عنصرن کان خبردار رهڻو پوندو جيڪي افغانستان ۾ امن جي ڪاوشن کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، پاڪستان گذريل 40 سالن کان افغاني پناهگيرن جي ميزباني ڪندو پيو اچي، افغاني پناهگيرن جي باعزت واپسي کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي برادري کي هٿ اڳتي وڌائڻا پوندا، پاڪستان افغانستان ۾ مستقل امن ۽ سياسي حل لاءِ علائقائي ۽ عالمي ڌرين سان تعاون لاءِ تيار آهي،ملاقات دوران پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ افغانستان بابت پاڪستان ۾ سفير محمد صادق به موجود هو. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔