پاڪستان ۾ چيني فوج جي موجودگي جي سختي سان ترديد ڪريون ٿا ،ميجر جنرل بابرافتخار

راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابرافتخار جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ چيني فوج جي موجودگي جي سختي سان ترديد ڪريون ٿا ، پاڪ فوج جي عام تعلقات واري شعبي آءِ ايس پي آر جي سربراه ميجر جنرل بابر افتخار پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي ميڊيا ۾ ايل او سي ۽ گلگت بلتستان ۾ پاڪ فوج جي واڌو اٽالن واري خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي، ڪا به فوجي چر پر يا واڌو اٽالا نه موڪليا ويا آهن .ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ چيني فوج جي موجودگي وارين خبرن جي به سختي سان ترديد ڪجي ٿي. اهڙي ريت اسڪردو هوائي اڏوچين جي استعمال هيٺ هجڻ وارين خبرن ۾ صداقت ناهي، اهڙيون خبرون هٿ ٺوڪيون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔