وفاقي حڪومت پاران سرڪاري ادارن ۾ هڪ سال کان پيل خالي جايون ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت سرڪاري نوڪريون گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي باقاعده خط موڪليو ويو آهي. 

ذميوار ذريعن  ٻڌايو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان فيصلو ڪيو ويو آهي ته گريڊ 1 کان 16 تائين اهڙيون سموريون خالي  جڳهيون ختم ڪيون وينديون جيڪي گذريل هڪ سال کان خالي آهن. ذريعن موجب وفاقي ڪابينه جي عمل ڪرائڻ واري ڪميٽي جي سفارشن تي ناڻي واري وزارت  خط اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ناڻي واري سيڪريٽري  جي منظوري کان پوءِ ان سلسلي ۾ باقاعده خط اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي موڪليو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته طريقيڪار تحت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن وفاقي ڪابينه کان منظوري وٺڻ کان پوءِ ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪندي.

ذريعن  موجب جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن  وفاقي ڪابينه جي منظوري کان پوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ته سرڪاري نوڪريون گهٽ ٿي وينديون.

ياد رهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري  وزير فواد چوڌري آڪٽوبر 2019 ۾ چيو هو ته حڪومت 400 کاتا ختم ڪري رهي آهي هن واضح ڪيو هو ته نوڪريون ڏينداسين ته ملڪ جي معيشت ويهي رهندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔