شوگر ڪميشن رپورٽ تي عملدرآمد جوفيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد

اسلام آباد : کنڊ ڪميشن جي رپورٽ تحت شگر ملز مالڪن خلاف ڪارروائي کان روڪڻ وارو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ايندڙ ٻڌڻيءَ تائين برقرار، سُپريم ڪورٽ اٽارني جنرل جي فيصلو معطل ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي، شگر ملز مالڪن خلاف ڪارروائي کان روڪڻ واري فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هاڻي ممڪن نه آهي ته ڪجهه جوابدارن خلاف ڪارروائي کان روڪيو وڃي ۽ ٻين خلاف ڪارروائي جاري رهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي خاطري ۾ نه رکيو آهي، ادارا رپورٽ جو حوالو ڏيڻ بنا به ڪارروائي جاري رکي سگهن ٿا. کنڊ جا اگهه وڌڻ سان سڄي ملڪ ۾ گوڙ ٿي ويو، اهو تمام وڏو اشو آهي، جنهن سبب ماڻهو متاثر ٿيا, چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو آهي ته حڪومت ڪيترن ئي موقعن تي ڪميشنز جوڙيون، پر رپورٽس منظرعام تي نه آيون آهن، اها صورتحال حڪومت پاڻ پيدا ڪئي آهي، جاچ ڪرائي ڪيس ڪري ڇڏي ها، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته شايد ايف بي آر سوڌو ڪيترن ئي ادارن ۾ اهليت جي کوٽ آهي، چيف جسٽس گلزار احمد پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته گزٽ نوٽيفڪيشن ڪنهن ڪُنڊ ۾ موجود هجي، گزٽ نوٽيفڪيشن اِن ڪري ضروري هوندو آهي ته جيئن ڪا شئي ڳجهي نه رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔