سنڌ ۾ وِد هولڊنگ ٽئڪس جي اوڳاڙي بند ٿيڻ بعد ايف بي آرجو سنڌ حڪومت سان رابطو

ڪراچي : وڏي وزير جي اعلان بعد سنڌ ۾ وِد هولڊنگ ٽئڪس جي اوڳاڙي نه ٿيڻ تي وفاقي سرڪار پريشاني جو شڪار، صوبي ۾ ٻن ڏينهن تائين ٽئڪس اوڳاڙي بند ٿيڻ بعد ايف بي آر سنڌ حڪومت سان رابطو ڪري ورتو، ايف بي آر جي ڪمشنر ۽ سيڪريٽري ايڪسائيز وچ ۾ اڄ ملاقات ٿي رهي آهي، ذريعن موجب ايف بي آر جي ڪمشنر طرفان ٽئڪس اوڳاڙي بابت وفاقي حڪومت جي موقف کان آگاهه ڪيو ويندو، ايڪسائيز کاتي جي صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته وفاق جو نمائندو ڪراچي پهتو آهي، ساڻس ملاقات دوران پنهنجو موقف ڀرپور نموني پيش ڪيو ويندو، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه وفاق لاءِ ٽئڪس اوڳاڙي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔