جپان ۾ گهمڻ ڦرڻ دوران موبائل فون جي اسڪرين ڏسڻ تي پابندي

ٽوڪيو:جپان جي حڪومت پنهنجي شهرين کي ڪنهن به حادثي کان بچائڻ لاءِ پيدل هلڻ دوران موبائل فون جي اسڪرين ڏسڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي جنهن تي فوري عمل في الحال رڳوياماٽو شهر ۾ ٿيندو،پرڏيهي خابرو اداري موجب ان نئين قانون جي خلاف ورزي تي ڏنڊ يا سزا نه هوندي ۽ ان جو مقصد گهمندي ڦرندي موبائل اسڪرين ڏسڻ جي خطرن کان آگاهه ڪرڻ آهي .ياماٽو ريلوي اسٽيشن تي لهندي ئي اهو اعلان ٻڌڻ ۾ ايندوآهي ته هلندي وقت سمارٽ فون جو استعمال منع ٿيل آهي. شهرين جي وڏي انگ ان نئين قانون جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته شهر ۾ ڪجهه ئي ماڻهو ان قانون جي خلاف ورزي ڪندي نظر اچن ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔