لاهور: ينگ ڊاڪٽرز او پي ڊيز بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور:لاهور جي ينگ ڊاڪٽرز ايس او پيز بنجڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ تائين سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊيز ۾ ڪم نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور جي جنرل اسپتال ۾ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪورونا جي حوالي سان هر حڪومتي فيصلو غلط ثابت ٿي رهيو آهي. حڪومت ثابت ڪيو آهي ته هو پنهنجي ضد هيلٿ پروفيشنلز تي لاڳو ڪرڻ چاهين ٿا.

ينگ ڊاڪٽرز چيو ته ايس او پيز بنائڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ کان سواءِ او پي ڊيز ۾ ڪم نه ڪنداسين. حڪومت پنهنجي ناڪامي ۽ نااهلي اسان تي وجهڻ چاهي ٿي. هن چيو ته 60 ڊاڪٽرن سميت 100 کان وڌيڪ هيلٿ پروفيشنلز ڪورونا جو شڪار ٿي چڪا آهن.

رسڪ الائونس سمورن هيلٿ پروفيشنلز جي لاءِ هجڻ گهرجي. هڪ هفتي تائين هيلٿ پروفيشنلز کي رسڪ الائونس نه ڏنو ويو ته اسان وڌيڪ خدمتون نٿا ادا ڪري سگهون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔