لاهور جي واپارين سڀاڻي کان مارڪيٽون کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: لاهور شهر جي واپاري اڳواڻن اسمارٽ لاڪ ڊائون کي معيشت جي خلاف سازش قرار ڏيندي 3 جولاءِ کان بند مارڪيٽون کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اسمارٽ لاڪ ڊائون سبب شهر جي بند مارڪيٽن جي واپاري اڳواڻن پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ چيو ته اسمارٽ لاڪ ڊائون سبب اسان جو ڪاروبار تباهه ٿي رهيو آهي ان ڪري فوري طور تي مارڪيٽن کي کوليو وڃي.

واپاري اڳواڻن چيو ته شهر ۽ ٻين علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون سبب مارڪيٽون بند آهن ۽ اهڙي طرح اسان جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته مارڪيٽون کولڻ جي اجازت ڏني وڃي نه ته اسان 3 جولاءِ کان شهر جون بند مارڪيٽون کولي ڇڏينداسين.

واضح رهي ته پنجاب حڪومت به اسمارٽ لاڪ ڊائون ۾ 15 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪورونا وائرس سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ضروري شين جي سامان واريون دڪانون ۽ اسپتال وغيره کولي رکڻ جي اجازت آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔