ن ليگ اڳواڻ خواجه آصف کي نيب سڀاڻي طلب ڪري ورتو

لاهور: قومي احتساب بيورو(نيب)  اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف کي ڪينٽ هائوسنگ سوسائٽي سيالڪوٽ ڪيس ۾ ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي.

نيب لاهور جي ترجمان موجب خواجه آصف کي 26 جون تي طلب ڪيو ويو هو پر قومي اسميبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ سبب  هن ٻيهر نئين تاريخ گهري هئي.

ترجمان ٻڌايو ته خواجه آصف طرفان وڪيل نجم الحسن نيب اختيارين کي جواب جمع ڪرايو هو پر نيب اختيارين جواب جو جائزو وٺڻ کان پوءِ غير تسلي بخش قرار ڏيندي ٻيهر طلب ڪيو هو.

نيب مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف کي سڀاڻي 3 جولاءِ تي ٻيهر طلب ڪندي ڏينهن جو 11 وڳي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ نيب خواجه آصف کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ به طلب ڪري چڪو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔