والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ظلم جي انتها ڪري ڇڏي

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي . سفاڪ اهلڪارن معصوم ٻار جي آڏو سندس ناني کي گوليون هڻي پروڻ ڪرڻ کانپوءِ ٻارڙي کي نانيَ جي سيني تي ويهاري سندس سندس تصويرپڻ ڪڍي آهي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. واقعي کانپوءِ معصوم ٻار کي گاڏي ۾ ويهاري جڏهن گهر نيو ٿيَ ويو ته هو پنهنجي اکين آڏو نانيَ جي بي دردي سان ٿيل قتل تي نه رڳو هنجون ٿو پرهو سڏڪا ڀري لڳاتار روئيندو ۽ پنهنجي نانيَ کي ياد ڪندو وڃي ٿو. واقعي کانپوءِ شهيد ٿي ويل پيرسن شخص بشير احمد جي نياڻي ۽ پٽ جي به وِڊيو آڏو آئي آهي جنهن ۾ ٻنهي ڄڻن ڀارتي فورسز جي اهڙي ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي تي پنهنجي ڏک ۽ صدمي جو اظهار ڪيو آهي . سندس پٽ جو چوڻ هو ته ان جو والد پنهنجي ڏوهٽيَ کي وٺي صبح جو ڪنهن ڪم سانگي نڪتو هو ،اوچتو کيس ڀارتي فوجين گاڏي مان لاهي ڏوهٽيَ جي آڏو گولين جو نشانو بڻايو. ڪالهه واري انهيءَ واقعي کان پوءِ سامهون ايندڙ تصوير ۽ ويڊيو دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي هن وقت ٽاپ ٽرينڊ هڪ تصوير موجود آهي جنهن ۾ هڪ ننڍڙو، لڳ ڀڳ 3 سالن جو ٻارڙو رت ۾ لت پت پنهنجي ناني جي لاش مٿان ويٺو آهي ۽ هن جي ڀرسان سيڪيورٽي اهلڪار بيٺا آهن.ان حوالي سان برطانوي خابرو اداري جي اردو سروس جي هڪ رپورٽ ۾ اِهو بيان ڪيو ويو ته اِهو واقعو والاريل ڪشمير جي ضلعي بارا مولا ۾ ماڊل ٽائون جي علائقي سوپور ۾ پيش آيو. آهي ،رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڀارت جي فوجي جٿي سينٽرل ريزور پوليس فورس ( پي آر پي ايف) جي اهلڪارن ۽ حريت پسندن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ واٽهڙو ڪشميري شهيد ٿي ويو جڏهن ته هن جو 3 سالن جو ڏوهٽو محفوظ رهيو، تنهن هوندي به شهيد ٿيل شخص جي وارثن طرفان چيو ويو ته هن کي ڀارتي فورسز قتل ڪيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز هٿان بيگناهه ڪشمِيري جي اهڙِي ريت شهادت دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي ۽ اِهو ان انساني حقن جي علمبردارن جي لاءِ ڳڻتي جو وقت آهي جو هڪ ڊگهي عرصي کان والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي خاموش تماشائي بڻيل آهن. والاريل ڪشمير ۾ روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ ظلمن تي اسلامي دنيا جي خاموشي ڀارت کي اڃان به وڌيڪ جارحيت جو رستو ڏيکاري رهي آهي ،جيستائين مسلم دنيا ڀارتي ظلم خلاف گڏيل آواز نه اٿاريندي تيستائين ان قسم جي ظلمن کي روڪڻ ڏکيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔