ڪراچي ۾ سخت گرمي ۽ ڪي اليڪٽرڪ وارن جون ڏاڍايون

     سنڌ جي ٻين علائقن وانگر ڪراچي ۾ به قهر جي گرمي جو سلسلو جاري آهي، سامونڊي هوائون بند هئڻ ڪري اوٻر ۽ ٻوسٽ سبب ماڻهو بيهوش ٿيڻ لڳا آهن جڏهن ته فليٽ سسٽم ۾ ماڻهن جي زندگي وڌيڪ ڏکي ٿي وئي آهي ، ماڻهو گرمي ۽ ٻوسٽ سبب شديد پريشاني کان منهن ڏئي رهيا آهن . شهر ۾ ايتري سخت گرمي ۽ ٻوسٽ شروع ٿيندي ئي ڪي اليڪٽرڪ وارن پنهنجي روايتي هٺ ڌرمي کان ڪم وٺندي شهر جي مختلف علائقن ۾ڪلاڪن جا ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي .سخت گرمي ايندي ئي ڪي اليڪٽرڪ وارن پاران اعلانيل لوڊشيڊنگ جو وقت به وڌايو ويو . شهر واسين پاران دانهن ، ڪوڪن ۽ احتجاجن کان پوءِ به ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميا تي ان جو ڪو به اثر نه ٿو پوي . پرنٽ، اليڪٽرانڪ توڙي سوشل ميڊيا تي بجلي جي بندش جي خبرن کانپوءِ سنڌ جي گورنر پاران نوٽيس به ورتو ويو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اِي او کي گهرائي تاڪيد به ڪيو ويو ته فوري طور تي لوڊشيڊنگ کي ختم ڪري عوام کي ريليف ڏنو وڃي پر ان ملاقات کانپوءِ به شهر ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ بي وقت بند ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي . ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميا اڳ ۾ فيئول نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون پر جڏهن پي ايس او انتظاميا پاران ان سلسلي ۾ وضاحت ڪئي وئي ته هنن وري ٻيون ڪهاڻيون گهَڙڻ شروع ڪيون . ڪراچي جا شهري جيڪي هر مهيني پابندي سان ڳرا ڳرا بجلي جا بل ادا ڪن ٿا ،کين هر حال ۾ بجلي جي فراهمي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا جو فرض آهي .هن وقت ته لاڪ ڊائون جي ڪيترائي ڪاروبار، آفيسون، اسڪول، ڪاليجون، يونيورسٽيون توڙي فيڪٽريون به بند آهن جنهن ڪري ڪي اليڪٽرڪ تي ايترو بجلي جو دٻاءُ به ڪونهي ڪو.  بجلي چوري ۽ لائن لاسز واري معاملي ۾اهو واهپيدار ڇو ٿو لوڙي جيڪو هر مهيني باقاعدگي سان پنهنجي گهر ۽ ڪاروباري مرڪز جو بل پيئاري ٿو . ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت کي سختي سان نوٽيس وٺي ڪي اليڪٽرڪ اداري کي ان جو پابند ڪرڻو پوندو ته اهو ڪراچي جي شهرين کي هر صورت ۾ بجلي جي سهولت فراهم ڪري .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔