ماني مهانگي ٿيڻ تي لبنان جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا

بيروت: لبنان ۾ ماني جي قيمت ۾ واڌ تي مظاهرا شروع ٿي ويا آهن. گادي واري شهر بيروت ۾ مظاهرين ۽ فوج وچ ۾ هاٿاپائي سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جون رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن.

گادي واري شهر بيروت ۾ عوام مختلف هنڌن تي روڊن کي بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو. مظاهرين ٽائر ساڙي مهانگائي ۽ ماني جي قيمتن ۾ واڌ جي خلاف احتجاج ڪيو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ماڻهن کي هڪ ماني حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لائن ۾ بيهڻو پوندو آهي.

بيروت سميت اترين شهر طرابلشام ۽ اوڀر شهر بقا  جي گهٽين ۾ سوين ماڻهن اقتصادي بحران ۽ مهانگائي جي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. بيروت ۾ ٿيندڙ مظاهري جي خلاف سيڪيورٽي فورس مداخلت ڪئي جنهن سبب 10 مظاهرين زخمي ٿي پيا. 

عوام ملڪي ڪرنسي جي قدر گهٽ ٿيڻ ۽ برداشت نه ٿيڻ جوڳي مهانگائي سبب حڪومت جي خلاف مظاهرا ڪري رهي آهي ماهرن جو چوڻ آهي ته لبنان ۾ بحران جو سبب بليڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ غير معمولي واڌ ٿيڻ آهي ۽ ان تي قابو ڪرڻ جا ڪي به آثار نظر نه پيا اچن.

گذريل سال لبناني پونڊ جي قيمت غير معمولي گهٽتائي نظر اچي رهي هئي جنهن سبب واپاري غير يقيني واري صورتحال جو شڪار آهن. اهڙن نقصانن سبب  ڪيتروئي ڪاروبار بند ٿي ويو آهي. جڏهن ته لبنان جي مختلف علائقن ۾ روڊن  کي بلاڪ ڪيو ويو آهي.

لوڊشيڊنگ ۾ واڌ ۽ ڊيزل جي کوٽ به مسئلن ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهي آهي. تيل جي کوٽ جي نتيجي ۾ جنريٽرن مان بجلي پيدا ڪرڻ به مشڪل ٿيندو پيو وڃي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ شهري ميڻ بتي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن. لبنان کي  1975ع کان 1990ع جي خانه جنگي کان پوءِ هاڻ پنهنجي تاريخ جي بدترين مالي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔