نگران حڪومت جون معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ لاءِ ڪوششون

نگران حڪومت رڳو ڪجهه مهينن ۾ ئي معيشت کي واپس پنهنجي پٽڙي تي آڻڻ لاءِ سرخرو نظر اچي رهي آهي .هن نهايت ئي مختصر عرصي ۾ معيشت جي بهتري لاءِ نهايت ئي عظيم فيصلا ڪيا جن جا بهتر نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. پاڪستاني معيشت تي ڇانيل ڪارا ڪڪر هٽجي رهيا آهن ۽ انشاالله ڪجهه ئي سالن ۾ ملڪ ۽ قوم خوشحالي جو منهن ڏسندي .معاشي بهتري ۽ ملڪي ترقي جي حوالي سان مثبت اشارا سامهون اچي رهيا آهن.

نگران حڪومت جي اپائن جي ڪري 4 مهينن ۾ پاڪستان جي علائقائي ايڪسپورٽ ۾ 14.21 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي . 4 مهينن ۾ مڇي جي ايڪسپورٽ جي ذريعي 123.86 ملين ڊالر ملڪ کي حاصل ٿيا . ٻاهرين ملڪن مان وڏي سيڙپڪارن جي اچڻ جي نئين دور جي شروعات ٿي آهي .قازقستان پاڪستان کان وڌيڪ ٽيڪسٽائل ايڪسپورٽ ڪرڻ چاهي ٿو ، جنهن جي لاءِ هن ٻن ملين ڊالرز جي آڇ ڪئي آهي .پاڪستان ۾ زرعي انقلاب آڻڻ لاءِ

UN FAO جا 40 عظيم منصوبا جاري آهن. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪاميٽي (اي سي سي ) سنڌ ۾ گئس جي هدفن جي منصوبن لاءِ 423 ملين رپين جي (ٽيڪ سپليمينٽري گرانٽ) TSG جي منظوري ڏني.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج قومي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 60،000 پوائنٽس جو انگ عبور ڪيو . پاڪستان ۽ ڪويت افرادي قوت ، توانائي ،دفاع سان لاڳاپيل 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪندا . پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو معاهدو طئي ٿيو آهي .

تازو ئي پاڪستان ۽ متحده عرب اماراتن وچ ۾ ڪيترن ئي بلين ڊالرز ماليت جي مفاهمت نامي تي صحيحون ٿيون آهن .متحده عرب امارات سان تعلق رکندڙ معدنيات جي دنيا جي وڏن نالن جون نظرون  پاڪستان جي کاڻين واري منصوبي تي آهن .ان حوالي سان اٽڪل2.5 بلين رپين جي سيڙپڪاري جي توقع آهي .

وفاقي حڪومت 6.8 بلين رپين جو صحت پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . ملڪ ۾ سامان جي غير قانوني داخلا کي روڪڻ لاءِ ، حڪومت افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تحت درآمد ڪيل شين تي 10 سيڪڙو پروسيسنگ فيس جو اعلان ڪيو .ان قدم جو مقصد اسمگلنگ کي روڪڻ ۽ مناسب ٽيڪس حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻو آهي .

اسپيشل انويسٽمنٽ فيسليٽيشن ڪونسل (SIFC) جي اپيڪس ڪميٽي جي هڪ خاص اجلاس گڏيل طور تي دوست ملڪن سان رابطي جي لاءِ مختلف قدمن کڻڻ جي منظوري ڏني ۽ ان حوالي سان مختلف منصوبن تي تيزي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي . SIFC ڪميٽي تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڪيل اپائن ۽ منصوبن کي ساراهيو. واپارين SIFC-CPEC اشتراڪ تي زور ڏنو.

ڪراچي ۾ پاڻي  جي چوري خلاف ڪارروائي ۾ 150 کان وڌيڪ هائيڊرينٽس ڊاٿا ۽ 1200 غيرقانوني  ڪنيڪشن معطل ڪيا ويا .نگران حڪومت جي اسمگلنگ مخالف مهم ۾ وڏيون ڪاميابيون مليون آهن .روزانو لکين ڊالر افغانستان اسمگل ٿيندا هئا .بلومبرگ جي رپورٽ موجب واپاري ۽ اسمگلر روزانو 5 ملين ڊالر منتقل ڪري رهيا هئا . اسمگلنگ روڪڻ واري موثر قدمن وسيلي ڊالر جو اگهه 315 رپين مان گهٽ ٿي 276 رپين تي پهتو آهي . پئٽرول جي قيمت 330 رپين مان گهٽجي 283 رپين تائين پهتي آهي ، اٽي جي اگهه ۾ به گهٽتائي  ٿي آهي .سيڪيورٽي فورسز افغانستان اسمگل ڪيو ويندڙ ڀاڻ وڏي مقدار ۾ قبضي ۾ وٺي ڇڏيو . انهن  مسلسل اپائن جي ڪري يوريا جي مارڪيٽ قيمت 600 رپيا في ٻوري گهٽجي 500 رپين تائين اچي وئي آهي .

فاريڪس ايسوسي ايشن جي رپورٽ موجب ڪريڪ ڊائون کانپوءِ اٽڪل هڪ بلين ڊالر بينڪن ۾ جمع ڪرايا ويا. ڪرنسي ڊيلرز جو روزانو سراسري واپاري حجم 7-5 ملين ڊالر کان وڌي متاثر ڪندڙ حد تائين 50 ملين ڊالر تائين پهچي ويو آهي .گذريل سال جي 3.1 بلين ڊالر جي مقابلي ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هلندڙ مالي سال جولاءِ کان آڪٽوبر دوران 1.1 بلين ڊالرز تائين نمايان طور بهتر ٿيو . اهو سڀ نگران حڪومت جي ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ کنيل بهتر قدمن جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو آهي ،ان تي ان جي جيتري به ساراهه ڪجي اها گهٽ آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔