برطانوي اوپيرا سنگر سائره پيٽر لاهور جي جيم خانه ۾ ڌم مچائي ڇڏي

پاڪستاني ڄائي برطانوي اوپيرا سنگر سائره پيٽر لاهور جيم خاني ۾ ڪوٺايل پنهنجي سولو ڪنسرٽ ۾ شاندار غزل، ۽ انگريزي گيت ڳائي ڌم مچائي ڇڏي .چار ڪلاڪ جاري رهندڙ ڪنسرٽ ۾ جيم خانو جا ميمبر جهومندا رهيا ۽پنهنجي پسند جي گيتن جي فرمائش ڪندا رهيا .ان موقعي تي جيم خاني جو چيئرمين مصباح عمده پرفارمنس تي اوپيرا اسٽار سائره پيٽر کي خوشبوئين جا تحفا پيش ڪيا .سائره پيٽر جو چوڻ هو ته هوءَ جڏهن به لنڊن کان پاڪستان ايندي آهي ته کيس بي پناهه پيار ملندو آهي .جيم خاني لاهور جا ميمبر ان جي موسيقي کي سمجهندا آهن ان ڪري ئي اهي فرمائشون ڪندا آهن .سائره پيٽر کي سڀ کان وڌيڪ فيض احمد فيض جي ڪلام هم ديکين گي ، هونٽون پي ڪبهي ان ڪي ميرا نام هي آئي، ۽ ڪلاسيڪل نظم ابهي تو مين جوان هون تي تمام گهڻو داد مليو .ڪنسرٽ کان پوءِ جيم خاني جي چيئرمين پاران سائره پيٽر جي اعزاز ۾ رات جي ماني ڪئي وئي ائين اها مختلف ٻولين جي موسيقي جي محفل پنهنجي پڄاڻي تي پهتي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔