انهن ججز خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي جن فوجي آمرن جو ساٿ ڏنو: جسٽس اطهر من الله

جسٽس اطهر من الله سپريم ڪورٽ ۾ پرويز مشرف جي موت جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته انهن ججز خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي جن فوجي آمرن جو ساٿ ڏنو

هن چيو ته  اڳوڻي فوجي صدر پرويز مشرف آئين ٽوڙيو، اسيمبليون ٽوڙيون ۽ 12 آڪٽوبر جي قدم کي هن ئي عدالت رستو ڏنو، مشرف جي مارشل لا کي قانوني چوندڙ ججن جو به ٽرائل ٿيڻ گهرجي

جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪارروائي رڳو 3 نومبر 2007 جي قدم تي ڇو ڪئي وئي؟ 3 نومبر تي رڳو ججن کي گهرن ۾ نظربند ڪرڻ تي ڪارروائي ٿيندي ته پوءِ سوال اٿندا، اهو چيو ويندو ته ڇا ججن تي حملو اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ آئين معطل ڪرڻ کان وڌيڪ سنگين معاملو هو؟مشرف

هن چيو ته  اسان کي سچ ڳالهائڻ گهرجي، ڪنهن فيصلي کي ختم ٿيڻو آهي ته ان کي ٿيڻ گهرجي جنهن مارشل لا کي رستو ڏنو، ملڪي تاريخ آهي ته طاقتور خلاف ڪير به نه ٿو ڳالهائي ۽ ڪمزور ٿيڻ تي عاصمه جيلاني وارو فيصلو اچي وڃي ٿو

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته وڪيل اچي ٻڌائين ته آمرن جي حمايت ڪندڙ ججن جون تصويرون هتي ڇو لڳل آهن، رڳو هتي ويٺل جج ئي نشاندهي ڇو ڪن، ميڊيا به ذميوار آهي ان جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، ٻڌايو نه ڪيترا صحافي  مارشل لا جا حامي ۽ ڪيترا مخالف هئا؟

جسٽس اطهر من الله چيو ته پرويز مشرف خلاف ڪارروائي شروع ٿيڻ تي ان وقت جي حڪومت به ڪارروائي نه پئي ڪرڻ گهري، ان وقت ڪنهن جي حڪومت هئي؟ وڪيل حامد خان چيو ته ان وقت نون ليگ جي حڪومت هئي

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اڳوڻي فوجي صدر کي سزا به برقرار رهي ۽ سندس گهر ڀاتين کي پينشن به ملندي رهي ائين نه ٿيندو، عدالت سوال ڪيو ته جوابدار جي وفات تي ڇا اپيل اڻ اثرائتي نه ٿي وئي؟ ڇا سزا برقرار رهڻ تي مشرف جي فيملي کي مراعتون ڏيڻ گهرجن يا نه؟ عدالت ٻڌڻي 10 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔