لاهور ۾ واپاري سرگرميون رات 10 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ ڪوهيڙي جي تدارڪ جي سلسلي ۾ صوبائي راڄڌاني ۾ واپاري سرگرميون رات 10 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت حڪم ڏنو ته سي سي پي او لاهور رات 10 وڳي واپاري سرگرميون بند ڪرائڻ جي حڪم تي عمل ڪرائي. لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته ڪوهيڙي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ وڏي وزير جي سيڪريٽري سي سي پي او لاهور کي به قدم کڻڻ جون هدايتون ڏي ڇڏيون. ان  حوالي سان ايڊمنسٽريشن لاهور ۽ حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪن.

جسٽس شاهد ڪريم شهري هارون فاروق سميت ٻين جي درخواستن تي لکت ۾ حڪم جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ هفتي ۾ 2 ڏينهن گهر ۾ ڪم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن نجي ادارن، بينڪن سميت جاري ڪيو وڃي. ٻئي پاسي عدالت ڊي جي ماحوليات کي آلودگي سبب ڊي سيل ٿيندڙ انڊسٽري يونٽس کي ٻيهر سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هاءِ ڪورٽ ماحوليات کاتي جي ڊي سيل ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم  ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي فيڪٽرين کي سيل ڪرڻ جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. لکت ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گرين بيلٽ تي پارڪنگ ڪندڙن جي خلاف ڪارروايون جاري رکيون وڃن. گرين بيلٽ کي نقصان پهچائڻ وارن فارم هائوس کي ڪيرائي پٽ ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔