عالمي بينڪ پاڪستان کي پيش ايندڙ 6 وڏن مسئلن جي نشاندهي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: عالمي بينڪ پاڪستان کي پيش ايندڙ 6 وڏن مسئلن جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي.

عالمي بينڪ پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ امڪاني اصلاحن تي ٻڌل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي هيومن ڪيپيٽل جي بحران کي منهن ڏيڻو آهي ان لاءِ دستياب انساني وسيلن جو گهٽ استعمال پيداوار ۽ ترقي کي متاثر ڪري رهيو آهي.

عالمي بينڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 5 سالن کان ننڍي عمر جا 40 سيڪڙو ٻار اسٽنٽنگ جو شڪار آهن. پاڪستان ۾ سڄي دنيا مان سڀني کان وڌيڪ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جڏهن ته 10 سالن کان ننڍي عمر جا 79 سيڪڙو ٻار پڙهڻ جي صلاحيت کان محروم آهن.

عالمي بينڪ موجب پاڪستان هن وقت مالي خساري کي منهن ڏئي رهيو آهي. مالي سال 2022 جي اختتام تائين مالي خسارو 22 سالن جي بلند ترين شرح 7.9 سيڪڙو تائين پهچي ويو. پاڪستان جي مٿان قرض مقرر قانوني حدن کان وڌيڪ 78 سيڪڙو جي بلند شرح تي رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

عالمي بينڪ جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاليسين ۾ عدم تسلسل سبب سرمائيڪاري ۽ برآمدات جي کوٽ آهي. پاڪستان جو زرعي شعبو غير پيداواري ۽ ٻڏتر جو شڪار آهي. پاڪستان ۾ زرعي شعبي جو ڊي پي ۾ حصو 23 سيڪڙو آهي ۽ پاڪستان ۾ زرعي شعبو 40 سيڪڙو پورهيتن کي روزگار فراهم ڪري ٿو.

عالمي بينڪ جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ توانائي جو شعبو ڀروسي نه ڪرڻ جوڳو ۽ معيشت تي بار آهي پاڪستان ۾ توانائي شعبي ۾ گردشي قرض مالي پريشانيون پيدا ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان جو سرڪاري شعبو به غير موثر آهي. پاڪستان ۾ پاليسي فيصلن جو محور ذاتي مفاد آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔