سوچڻ جي سٺي عادت – محمد انس شيخ

آئون اھو ھرگز نٿو چاھيان ته دنيا وارا منھنجي سوچ مطابق ھلن پر ھا آئون اھو ضرور چاھيان ٿو ته انسان کي الله تعاليٰ دماغ ڏنو آھي جنھن سان ھو سوچي پر اڄڪلھ اسين ڪنھن به ڳالھ تي سوچون نه ٿا.
سوچ جي دنيا ھڪ الڳ دنيا آھي ۽ اھا دنيا انسان کي حقيقت کان گھڻي قدر واقف ڪري ٿي ۔
سوچڻ ھڪ سٺي عادت آھي ۔مان سمجهان ٿو ته سوچڻ سان انسان قدرت جي ويجھو ٿئي ٿو، الله تعاليٰ انسان کي سوچڻ جي سگھ ڏني ته جيئن ھو پنھنجي حقيقي پالڻھار کي سڃاڻي سگھي۔
اڄڪلھ جي زندگي ۾ هر ماڻهو لاءِ ڏکيائيون ان ڪري به آھن جو اسان سڀني سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ ھر لحاظ کان هڪ عام رواجي زندگي گذاري رهيا آهيون.
منهنجي خيال ۾ ته ڪنهن کي به منھنجي سوچ مطابق نه هلڻ گهرجي، ها ضرور آهي ته هر ڪنهن کي هر وقت ڪا نه ڪا سوچ ضرور هئڻ گهرجي.
اسان کي سوچڻ گهرجي الله تعاليٰ جي قدرت تي، پنھنجي حال تي پنهنجي زندگيءَ جي مختلف ۽ ننڍين ننڍين ڳالھين تي سوچڻ گهرجي.
اسان کي شين کي ويجهو کان ڏسڻ گهرجي ۽ انهن جي حقيقت معلوم ڪرڻ گهرجي جيڪو صرف ۽ صرف سوچڻ سان ئي ٿي سگهي ٿو.
اسان کي پنهنجي ذات مان نڪري پنهنجي آس پاس ، پنهنجي ڏيهه توڙي پوري دنيا ۽ انسانيت بابت سوچڻ گهرجي.
انسان جڏهن سوچڻ لڳي ٿو ته پوءِ هن دنيا جي ڪيترائي راز هن تي کلن ٿا ۽ هو شِين کي سمجهڻ شروع ڪري ٿو، ان ڪري ضروري آهي ته اسان منجهان هر ڪو ئي الله تعاليٰ پاران ڏنل سوچ واري ڏات جو استعمال ڪري ۽ پنهنجي سوچ سان ئي خدا ۽ ان جي خدائي کي ڏسي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔