پاڻي جو بحران سنگين، کوٽ 32 سيڪڙو ٿي وئي

اسلام آباد: پاڻي جي بحران جي حوالي سان ارسا جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جائزي بعد ڪاٿو لڳايو ويو ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ 32 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جنهن بعد صوبن جي حصي ۾ ڪٽوتي ڪئي وئي. پنجاب جو پاڻي جو حصو 7000 ڪيوسڪ گهٽ ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ جو پاڻي جو حصو 10 هزار ڪيوسڪ گهٽجي ويو آهي، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا کي ڪٽوتي کان آجو رکيو ويو آهي. ارسا پاران چيو ويو آهي ته سنڌو دريا جي اترين علائقن ۾ گرمي پد 26 ڊگري سينٽي گريڊ ٿي ويو آهي، ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ درياهن جي وهڪري ۾ اضافي جو امڪان آهي، جيئن وهڪري جي صورتحال بهتر ٿيندي، صوبن جو پاڻي حصو وڌندو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔