انگريزن به سنڌ سان ايئن نه ڪيو، جيئن هاڻ ٿئي پيو، پاڻي مسئلو سياسي نه پر معاشي آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ پاڻي کوٽ واري معاملي تي ڳالهائيندي چيو آهي ته انگريزن به سنڌ سان ايئن نه ڪيو، جيئن هاڻ ٿئي پيو، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف پنهنجو ڪيس عوام آڏو رکندس،سنڌ ڌرتي پاڻي سان ئي سرسبز رهي سگهي ٿي. هن چيو ته سنڌ جو پاڻي اڳ به چورايو ويندو هو. سکر بئراج ۽ ٻيا دريا ٺهيا۔ سکر بئراج جي لائبريري ۾ پاڻي جي ٺاھ بابت سڀ ڪجھه موجود آهي، واپڊا چيو هو ته 1945 جي ايگريمينٽ تحت صوبن کي پاڻي ڏينداسين پر هميشه سنڌ سان ناجائزي ٿيندي رهي آهي. ملڪ جا 3 دريا وڪرو ڪيا ويا، سنڌ کي هميشه پري رکيو ويو آهي، سنڌ جو اڄ به پراڻو ئي موقف آهي سنڌجي حصي جو پاڻي سنڌکي ڏنو وڃي، اسان پنهنجي عوام کي اڃارو نٿا ڏسڻ چاهيون۔ هن چيو ته پراڻا پاڻي جا ڪيس به پڙهيا وڃن، سنڌ سان پاڻي معاملي تي زيادتي ٿيندي رهي آهي، راوي، چناب تي ڪئنال ٺاهيا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔