وفاقي حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ ٻيهر لاٿ تي غور شروع ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ تي ٻيهر غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب پيٽروليم ڊويلپمينٽ ليوي ۾ 10 روپيه في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي.

ليوي گهٽ ٿيڻ سان پيٽرول جي اگهه ۾ 10 روپيه في ليٽر لاٿ ٿي سگهي ٿي. 26 جون تي حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ 25 روپيه في ليٽر واڌ ڪئي هئي جنهن تي عوام طرفان سخت رد عمل نظر آيو.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت 12 مهينن جي دوران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪيترائي ڀيرا هيٺ مٿانهين ڪئي آهي.

  ياد رهي ته گذريل مهيني پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ سبب پيٽرول پمپ مالڪن پيٽرول جو وڪرو بند ڪري ڇڏيو هو جنهن سبب پيٽرول جي کوٽ واري صورتحال پيدا ٿي وئي هئي.

حڪومت 26 جون 2020 تي 25 روپيه واڌ سان گڏ پيٽرول جي قيمت 100 روپيه في ليٽر مقرر ڪئي هئي جنهن سان پيٽرول جي مصنوعي کوٽ ختم ٿي ۽ هاڻ حڪومت هڪ دفعو ٻيهر قيمتن ۾ لاٿ تي غور ڪري رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔