رمضان شوگرملز ڪيس: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي فرد جرم لاڳو نه ٿيو

لاهور: اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي هڪ دفعو ٻيهر فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي. عدالت واضح ڪيو ته شهباز شريف نه اسپتال ۾ داخل آهي ۽ نه ئي وري وينٽي ليٽر تي آهي. هو ٻن منٽن جي لاءِ عدالت ۾ پيش ٿي صحيح ڪري ته جيئن ٽرائل جي باقاعده شروعات ٿي سگهي.

عدالت شهباز شريف جي وڪيل کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ميڊيڪل موجب ٽن هفتن ۾ ڪورونا وائرس جي رپورٽ نگيٽو اچي ويندي آهي. اصولي طور تي شهباز شريف کي پيش ٿيڻ گهرجي. هو نه اسپتال ۾ داخل آهي ۽ نه ئي وري وينٽي ليٽر تي آهي. هو گهر ۾ آئسوليٽ آهي، هو صرف ٻن منٽن جي لاءِ عدالت اچي ته جيئن ٽرائل جي شروعات ٿي سگهي. جنهن تي شهباز شريف جي وڪيل ٻڌايو ته شهباز شريف جي ڊاڪٽرن چيو آهي ته 2 جولاءِ تي شهباز شريف جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ٻيهر ڪئي ويندي.

هاءِ ڪورٽ انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ سائنس کي شهباز شريف جي ڪورونا رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر چيو ته شهباز شريف نومبر 2019 کان عدالت ۾ پيش ناهي ٿي رهيو. شهباز شريف کي پيش ٿيڻ گهرجي ته جيئن ٽرائل شروع ٿي سگهي.

شهباز شريف جي وڪيل چيو ته هن ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ جو  ڊيٽيڪيشن ناهي. شهباز شريف ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ٿيندو. عدالت شهباز شريف جي حاضري  کان معافي واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 6 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هوڏانهن عدالت حمزه شهباز جي خلاف مني لانڊرنگ جو ريفرنس نيب اختيارين کي جلد داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي حمزه شهباز جي جوڊيشنل رمانڊ ۾ 13 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔