پي ايس ايڪس حملو: دهشتگرد کي گاڏي وڪرو ڪندڙ شوروم تي ڇاپو

ڪراچي:قانون لاڳو ڪندڙ ادارن اسٽاڪ ايڪسچينج حملي جي لاءِ استعمال ٿيندڙ گاڏي وڪرو ڪندڙ شوروم تي ڇاپو هڻي رڪارڊ قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ اداري نيو ٽائون جي ويجهو هڪ شوروم تي ڇاپو هنيو. ان شوروم مان اها گاڏي خريد ڪئي وئي هئي جيڪا دهشتگردن اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي لاءِ استعمال ڪئي. ڇاپي دوران شورم جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ٻيو رڪارڊ قبضي ۾ ورتو ويو جڏهن ته شوروم جي مالڪ ۽ عملي کان به پڇاڳاڇا ڪئي وئي.واضح رهي ته گزريل ڏينهن ڪراچي ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج تي چئن دهشتگردن حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾  هڪ پوليس اهلڪار ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جا 3 سيڪيورٽي گارڊ شهيد ٿي ويا جڏهن ته فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ چارئي دهشتگرد مارجي ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔