هوا بازي واري وفاقي وزيرکي هٽائڻ لاءِ درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد:هوا بازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان کي هٽائڻ لاءِ درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ يا نه هجڻ بابت فيصلو محفوظ ڪيو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله درخواست تي ٻڌڻي بعد فيصلو ڪيو، درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو آهي ته وفاقي وزير غلام سرور خان 262 پائليٽس جي حوالي سان غير ذميواراڻو بيان ڏنو آهي، جنهن سان ملڪ تي دُنيا کِلي آهي، جعلي ڊگريز واري معاملي تي ڳجهي نموني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ها.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔