اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي ورهاست واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد:   اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي ورهاست واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب مخصوص سيٽن جي ورهاست جو ڪيس چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 4 رڪني  ڪميٽي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران جمعيت علماءِ اسلام ۽ مسلم ليگ(ن) جي وڪيل اليڪشن ڪميشن جي سامهون پيش ٿيا ۽ دليل ڏنا.

ٻڌڻي جي دوران(ن) ليگ جي وڪيل چيو ته جڏهن جي يو آءِ ۽ اسان جون سيٽون برابر آهن ته مخصوص سيٽون ڪيئن برابر نٿيون ٿي سگهن، منهنجي اميدوار کي ڪيئن پنهنجو حق ڏيڻ کان محروم ڪري سگهجي ٿو. اسان جون 8 ۽ جي يو آءِ جون 10 سيٽون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون.

مسلم ليگ(ن) جي وڪيل چيو ته 9-9 سيٽون ٻنهي پارٽين کي ملڻ گهرجن ها، قانون موجب برابر هجڻ تي ٽاس ٿي سگهي ٿو، اسان برابر هجڻ تي ٽاس ڪرڻ جي استدعا ڪريون ٿا.

انهي موقعي تي جي يو آءِ جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ چيو ته 16 فيبروري تائين جيڪڏهن طارق اعواڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي وڃي ها ته اهو به شامل هجي ها، هڪ سيٽ جي ڪري پوري ملڪ ۾ مخصوص سيٽن جو معاملو ٻيهر بيهي رهندو ۽ سموي ملڪ جي مخصوص سيٽن جا نوٽيفڪيشن واپس ٿي سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔