لکي مروت: لکي مروت جي علائقي دولت خيل ۾ 4 ٻار برسات جي پاڻي ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويا آهن.
ريسڪيو اختيارين موجب فوت ٿي ويل ٻارن جون عمرون 9 کان 12 سالن جي وچ ۾ هيون. فوت ٿي ويل ٻارن ۾ 2 سڳا ڀائر به شامل آهن.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻار برسات جي پاڻي ۾ وهنجي رهيا هئا فوت ٿي ويل ٻارن ۾ 2 سڳا ڀائر به شامل آهن. لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن ضروري ضابطي جي ڪارروائين بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويندا.