اسلام آباد: عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو رجحان برقرار آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ساڍا 6 روپيه في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل 3 روپيه 74 پئسا سستو ڪرڻ جي تجويز آهي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جو اعلان ڪيو ويندو. پيٽرول 6 روپيه 60 پئسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 5 روپيه 27 پئسا في ليٽر مهانگو ٿي سگهي ٿو.
ذريعن موجب گاسليٽ جي قيمتن ۾ 3 روپيه 74 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي، لائٽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 2 روپيه 23 پئسا في ليٽر تائين گهٽتائي جي تجويز آهي. اوگرا پيٽروليم شين بابت سموريون گهرجون پوريون ڪري ورتيون آهن جيڪي سڀاڻي حڪومت ڏانهن اماڻيون وينديون، آئل انڊسٽري شين بابت ورڪنگ اوگرا ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته اوگرا جي سمري جي روشني ۾ وزيراعظم قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جي حتمي منظوري ڏيندو.