ڪراچي ۾ آچر کان هن وقت تائين 19 ڀيرا زلزلي جا لوڏا، شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو

ڪراچي: ڪراچي شهر ۾ گذريل ٽن ڏينهن دوران ايندڙ زلزلي جي لوڏن جو انگ وڌي 19 ٿي ويو آهي. لاڳيتو ايندڙ زلزلي جي لوڏن سبب شهرين ۾ سخت خوف حراس پکڙجي ويو آهي.

رپورٽ موجب شهر ۾ 19هون زلزلو اڄ صبح 11 لڳي 34 منٽن تي آيو جنهن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 2.5 رڪارڊ  ڪئي وئي جڏهن ته گهرائي 30 ڪلو ميٽر هئي.

زلزلي جو مرڪز ڊي ايڇ اي سٽي جو اتر، ڏکڻ ۾ 15 ڪلو ميٽر پري هو. انهي کان اڳ ڪورنگي ۾ صبح جو به زلزلو آيو جنهن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 3.2 رهي جڏهن ته گهرائي 11 ڪلو ميٽر زمين اندر هئي. چيف ميٽرولوجسٽ موجب زلزلو صبح 6 لڳي 42 منٽن تي رڪارڊ ٿيو جنهن جو مرڪز ڪورنگي جو ڏکڻ اوڀر 29 ڪلو پري هو. اهڙي طرح شهر جي مختلف علائقن ۾ سومر جي رات 8 لڳي 49 منٽن تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

لانڍي، ڪورنگي، ملير سميت ٻين علائقن جي شهرين به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا جنهن سبب شهري خوف وچان ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 3.0 رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته اهي جي گهرائي زمين اندر 13 ڪلو ميٽر هئي.

ياد رهي ته ڪراچي ۾ آچر جي شام کان زلزلي جو سلسلو شروع ٿيو آهي  جنهن دوران هينئر تائين تمام گهڻن لوڏن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 3.2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔