ڀارت جا جارحاڻا قدم ۽ هڪ طرفا فيصلا خطي جي امن لاءِ خطرو آهن، پاڪستان ۽ چين ۾ اتفاق

نيو يارڪ: پاڪستان ۽ چين تڪرارن جي پرامن حل، گهڻ رخي سهڪار، گڏيل قومن جي منشور جي اصولن جي پاسداري، معاھدن جي تقدس ۽ عالمي قانونن جي احترام لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو آهي.

گڏيل قومن ۾ عوامي جمهوريه چين جي مستقل نمائندي فو ڪانگ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ گڏيل قومن ۾ موجود پاڪستاني پارلياماني وفد سان ملاقات ڪئي.

ان ملاقات دوران ڀارت جي تازين جارحاڻين ڪارروائين کانپوءِ ڏکڻ ايشيا جي بدلجندڙ صورتحال ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي جاري ڪوششن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي اڳرائين دوران چين جي حمايت تي پاڪستاني عوام طرفان دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا.

هن 22 اپريل تي پهلگام حملي کانپوءِ جي صورتحال بابت چيني ڌر کي آگاهه ڪيو ۽ ڀارت جي جارحاڻي رويي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي ذميوار ۽ محتاط طرز عمل تي روشني وڌي.

بلاول ڀٽو زرداري افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان طرفان غير جانبدار، شفاف ۽ آزاد جاچ ڪرائڻ جي آڇ کي ڀارت رد ڪري ڇڏيو.

هن ٻيهر زور ڀريو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار حل ڪرڻ لازمي آهي ۽ چين تي زور ڏنو ته اهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب گهڻ رخي سهڪار ۽ ڳالهين جي ذريعي ڪشمير مسئلي جي حل ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري.

پ پ چيئرمين عالمي برادري تي زور ڀريو ته تڪرارن جي مستقل حل طرف اڳڀرائي ڪري ته جيئن ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ممڪن ٿي سگهي.

وفد ڀارت پاران پاڪستاني سرزمين تي حملا ڪرڻ، ڄاڻي واڻي عام شهرين کي نشانو بڻائڻ، پاڪستان ۾ دهشتگردن جي مالي مدد ۽ حمايت ڪرڻ ۽ سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ سميت ٻين قدمن بابت تفصيلن کان به چيني قيادت کي آگاهه ڪيو.

ان موقعي تي چين ۽ پاڪستان اتفاق ڪيو ته جارحاڻا قدم ۽ هڪ طرفا فيصلا خطي جي امن لاءِ خطرو آهن ۽ انهن جي ڀرپور مخالفت ٿيڻ گهرجي.

ٻنهي ڌرين ورجايو ته تڪرارن جو حل پرامن طريقي سان، گهڻ رخي سهڪار، گڏيل قومن جي اصولن جي پاسداري، معاھدن جي تقدس ۽ عالمي قانونن جي احترام سان ئي ممڪن آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔