ڊفينس ۾ نوجوان تي تشدد جو واقعو: چوٿون جوابدار گرفتار، سلمان فاروقي جو جسماني ريمانڊ منظور

ڪراچي: عدالت نوجوان تي تشدد ۾ ملوث جوابدار سلمان فاروقي کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ ڊفينس ۾ نوجوان تي تشدد جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿعي جنهن  سلسلي ۾ پوليس جوابدار سلمان فاروقي سميت ٻئي هڪ جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

پوليس عدالت کان جوابدارن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي 2 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏئي ڇڏيو. ٻئي طرف پوليس خيابان اتحاد ۾ ڀيڻ جي سامهون نوجوانن کي تشدد جو نشانو بنائيندڙ هڪ ٻئي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڊيو ۾ اهو ٻيو جوابدار به نوجوان تي تشدد ڪندي نظر اچي رهيو آهي، ٻئي جوابدار کي فوٽيج جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو.

ياد رهي ته نوجوان کي تشدد جو نشانو بنائڻ  واري واقعي ۾ ملوث مُک جوابدار، ان جو ڊرائيور ۽ گارڊ کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ ڊفينس واقعي ۾ گرفتار جوابدارن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔