واٽس ايپ ۾ صارفين جي پرائيويسي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ نئون فيچر متعارف

واشنگٽن: جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ ۾ صارفين جي پرائيويسي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي، جيڪو خاص طور تي اسپام ۽ غيرضروري پيغامن بچڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ تمام جلد يوزر نيم ۽ ان سان واڳيل پِن سسٽم متعارف ڪرائڻ وارو آهي، جيڪو پهريون ڀيرو پيغام موڪلڻ جي خواهشمندن لاءِ هڪ قسم جو سيڪيورٽي گيٽ بڻجي ويندو.

ان فيچر تحت، جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن يوزر نيم ذريعي توهان کي پيغام موڪلڻ چاهي ٿو ته ان کي صحيح پن ڪوڊ داخل ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ پيغام موڪلڻ ممڪن نه هوندو.

اهو قدم خاص ڪري اهڙن اوپرن رابطن خلاف کنيو پيو وڃي، جيڪي بنا اجازت يا بنا ڪنهن ڄاڻ جي اسپام پيغامن جي صورت ۾ تڪليف ڏيندا آهن.

رپورٽ موجب، جيڪڏهن ڪنهن صارفين پن نه ٺاهيو ته واٽس ايپ جي چيٽ ٽيب جي مٿان هڪ بئنر ذريعي ان فيچر کي فعال ڪرڻ جي صلاح ڏني ويندي ته جيئن اڪائونٽ جي سيڪيورٽي بهتر ٿي سگهي.

اهو واضح رهي ته يوزر نيم ۽ پن وارو فيچر هن وقت بيٽا ورزن ۾ آزمائشي مرحلي ۾ آهي ۽ اڃان تائين واٽس ايپ طرفان عام صارفين لاءِ يوزر نيم وارو فيچر به متعارف نه ڪرايو ويو آهي، تنهنڪري ان جي مڪمل متعارف ٿيڻ جي تاريخ بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.

نئون فيچر متعارف ٿيڻ کانپوءِ، صارفين پاڻ فيصلو ڪري سگهندا ته ساڻن يوزر نيم ذريعي ڪير رابطو ڪري سگهي ٿو، جنهن سان واٽس ايپ تي پرائيويسي جو تحفظ وڌيڪ مضبوط ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔