نئين دهلي: پاڪستان پاران ڀارت لاءِ پنهنجي هوائي حدون بند ڪرڻ کان پوءِ هندستاني هوائي ڪمپنين ۾ بحران پيدا ٿيو.
نئين دهلي کان اٽلي تائين هندستاني نائب صدر جي خاص پرواز ۾ دير ٿي ۽ هندستاني نائب صدر جي پرواز ۾ ڏيڍ ڪلاڪ وڌيڪ وقت لڳو.
ٽورانٽو، نيويارڪ، لنڊن، ڊينمارڪ ۽ دمام کان دهلي تائين جي پروازن ۾ 2 ڪلاڪ اضافي لڳا، جڏهن ته برمنگهم، سان فرانسسڪو، فرينڪفرٽ ۽ پيرس کان دهلي تائين جي پروازن کي 2 ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو.
ايمسٽرڊيم ۽ باڪو، آذربائيجان کان دهلي تائين اڏامون 2 ڪلاڪ دير سان پهتيون، ڊگهي فاصلي واري بين الاقوامي پروازن کي ڪيترن ئي ٻين ملڪن جي هوائي اڏن تي لينڊ ڪرڻو پيو، شارجه-امرتسر جي اڏام کي احمد آباد ۽ ٽورانٽو-دهلي ايئر انڊيا جي اڏام کي ڊينمارڪ ڏانهن موڙيو ويو.
پيرس ۽ لنڊن کان ابو ظهبي ويندڙ اڏامون ايندھن ڀرڻ کان پوءِ نئين دهلي پهتيون، جڏهن ته دهلي کان تبليسي ويندڙ اڏام احمد آباد ۾ لهي وئي.
الماتي ۽ تاشقند لاءِ ٻہ اڏامون منسوخ ڪيون ويون، ۽ دبئي-امرتسر جي اڏام اڍائي ڪلاڪ دير سان رواني ٿي.