هڪ طرفي رويي سان امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچڻ جو خدشو

اسلام آباد: پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پهلگام واقعي کي جواز بڻائي ڀارت جي هڪ طرفي قدمن سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت هڪ طرفي طور سنڌ طاس معاهدو معطل ڪيو، پاڻي جي معطلي جنگ جي مترادف هوندي، سنڌ طاس معاهدو عالمي بئنڪ جي ثالثي ۾ ٿيو.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جي رويي سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، ڀارتي قدمن جي جواب ۾ واگها بارڊر تي هر قسم جي ٽريفڪ بند ڪئي وئي آهي، سارڪ اسڪيم تحت ڀارتين جا سمورا ويزا معطل ڪيا ويا آهن پر سک ياترين کي ويزا جي معطلي کان استثنيٰ حاصل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔