پي آءِ اي جهاز حادثي جي جاچ رپورٽ اڄ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي

اسلام آباد: ڪراچي ۾ پي آءِ اي جي جهاز کي پيش ايندڙ حادثي جي جاچ رپورٽ اڄ وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي ويندي.

22 مئي تي ڪراچي ايندڙ قومي ايئرلائن جي اڏام 8303 جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ويجهو آبادي  مٿان ڪري تباهه ٿي وئي هئي جنهن سبب 97 ڄڻا فوت ٿي ويا.

جڏهن ته 2 ڄڻا معجزاڻي طور تي محفوظ رهيا هئا. جنهن کان پوءِ وزيراعظم ۽ لاڳاپيل اختيارين طرفان  حادثي جي  هر پهلو کان جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

وفاقي وزير غلام سرور خان چيو هو ته جهاز حادثي جي شفاف جاچ ڪئي ويندي ۽ جيڪو به ذميوار هوندو ان کي سامهون آندو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔