ڪورونا وائرس: عيدالاضحيٰ بابت ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي: ڊاڪٽر ظفر مرزا

اسلام آباد: وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي دوران ڪورونا وائرس کي ورڪڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي لاءِ جلد حڪمت عملي ٺاهينداسين ۽ عيدالاضحيٰ بابت اين سي او سي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

جڏهن ته عالم سڳورن سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان رابطي ۾ آهيون. هن چيو ته اسمارٽ لاڪ ڊائون جا اثر جلد سامهون اچي سگهن ٿا پر جن شهرن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ٿيو اتي ڪورونا جي ڪيسن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. حڪومتي قدم ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ آهن.

ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 30 ايس او پيز ٺاهيا ويا آهن ڇو ته ماڻهن جي روين ۾ تبديلي اچڻ ۾ وقت لڳندو آهي. ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ پاڪستاني معاشرو سمجهڻ ضروري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔