ناليوارو ذاڪر ۽ عالم علامه طالب جوهري لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: مشهور عالم دين علامه طالب جوهري لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچي جي خانگي اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ علاج هيٺ هو.

علامه طالب جوهري 27 آگسٽ تي پيدا ٿيو. سندس پيءُ مشهور عالم دين علامه مصطفيٰ خان جوهر  هو. علامه طالب جوهري ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچي جي خانگي ۾اسپتال ۾داخل هو جتي هن بيماري سان جهيڙيندي دم ڏئي ڇڏيو. 81 ورهين جي ڄمار ۾ فوت ٿيل علامه طالب جوهري جي جنازي نماز ٻن پهرن جي نماز بعد انچولي ۾ادا ڪئي ويندي.

هوڏانهن علامه طالب جوهري جي لاڏاڻي تي وزيراعظم عمران خان سميت سياسي سماجي اڳواڻن ڏک جو اظهار ڪيو آهي. علامه ناصر عباس، علامه شهنشاهه حسين نقوي، خالد مقبول صديقي ۽ ٻين علامه طالب جوهري جي وفات تي وارثن سان تعزيت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔