اڄ هر پاڪستاني شهيد بينظير ڀٽو جي کوٽ محسوس ڪري رهيو آهي:بلاول ڀٽو

نئون ديرو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 67 هين يوم پيدائش جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته ڪورونا وائرس ۽ ٽڊي دل سميت ملڪ کي درپيش چئلينجز دوران اڄ هر پاڪستاني شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مدبرانه قيادت جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪري رهيو آهي.

 غير معمولي ۽ مشڪل حالتون ئي قيادت لاءِ ڪسوٽي هونديون آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو بطور سياسي اڳواڻ ۽ منتخب وزير اعظم پاڪستان جي سياست، معشت ۽ معاشري تي مثبت ۽ گهرا نقش ڇڏيا، آئين جي اصل شڪل ۾ بحالي، پارليمينٽ کي اختيار منتقل ڪرڻ، صوبائي خود مختياري ۽ اين ايف سي شهيد راڻيءَ جي جدوجهد جو ثمر آهن، ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان جي عوام کي شناخت ڏيڻ، عورتن ۽ اقليتن سميت پسمانده طبقات کي هر فورم تي نمائندگي ڏيڻ به شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد جو نتيجو آهي، غربت جي خاتمي ۽ عوام جي ترقي ۽ بهبود جا منصوبا، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو به شهيد بي بي جي ڪاوشن جو ڦل آهن.

 شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي عظيم والد سميت ٻن ڀائرن جي قربانين جي باوجود عوامي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکي، هن پنهنجي دور جي ظالم ۽ جابر آمرن کي پرامن جدوجهد ۽ سياسي جدوجهد ذريعي انهن کي هميشه لاءِ سياسي زوال جي قبرن ۾ دفن ڪيو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سوچ ۽ فڪر اڄ به عوام کي ريوڙ سمجهندڙ استحصالي عناصرن خلاف اصل مزاحمت آهي، اهي قوتون جيڪي ڪالهه خالي هٿن واري ڇوڪريءَ کان خوفزده هيون اڄ به ان جي نالي کان ڏڪندا آهن، اها ئي زوال پذير سوچ آهي جيڪا ايندڙ ڏينهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو نالو ادارن، عمارتن تان هٽائڻ ۾ لڳل آهن. 

اهي شهيد قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جيان شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي ڪڏهن به 22 ڪروڙ عوام ۽ ان جي آئنده نسلن جي دلين کان ٻاهر ڪڍي نٿا سگهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جسماني طور اڄ اسان سان موجود ناهي پر ان جو فڪر ۽ فلسفو پاڪستان کي درپيش مسئلن جي ڪنجي آهي، پيپلز پارٽي پنهنجي شهيد چيئرپرسن جي مشن تي سختيءَ سان ڪاربند رهندي، پيپلز پارٽي جمهوريت، آئين ۽ قانون جي حڪمراني، غربت جي خاتمي ۽ مساوات تي مبني معاشي جي قيام لاءِ جدوجهد جاري رکندي. 

هوڏانهن شهيد راڻي محترمه بينظيرڀٽو جي 67 هين سالگرهه جي ڏينهن ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو هائوس ۾ ڪورونا وائرس جي وبا سبب ڪي به تقريبون منعقد نه ڪيون ويون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔