ايشيائي ملڪن ۾ سال جو پهريون سج گرهڻ ختم

ڪراچي : پاڪستان سميت ايشيائي ملڪن ۾ سال جو پهريون سج گرهڻ ختم ٿي ويو، سج گرهڻ جي نظارن کي لکين ماڻهن پنهجي موبائل فونز ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. موسميات کاتي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سِج گرهڻ صبح 8 لڳي 46 منٽن تي شروع ٿيو ۽ 11 لڳي 40 منٽن تي عروج تي پهتو، پاڪستان ۾ سِج کي 3 ڪلاڪ 20 منٽن تائين گرهڻ لڳو. موسميات کاتي موجب سِج ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ اچي ته چنڊ جي پوئين پاسي کان سِج جو ڇيڙو چُوڙِي يا ڇَلي جيان نظر ايندو آهي، جنهن کي رنگ آف فائر سڏيو وڃي ٿو. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، قاضي احمد، مورو، عمر ڪوٽ ۽ گهوٽڪي ۾ صبح جي وقت اس جي روشني گهٽجي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔