ڪورونا وڌيڪ 41 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 41 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، 2275 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 69 هزار 628 ٿي ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا جا انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ 1280 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير موجب گهوٽڪي ۾ 74، سکر ۾ 72، خيرپور ۾ 64، حيدرآباد ۾ 63، ميرپور خاص ۽ شڪارپور ۾ 38-38 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. وڏي وزير چيو آهي ته شهيد بينظير آباد ۾ 36، ڪشمور ۾ 33، ٺٽي ۾ 28، لاڙڪاڻي ۾ 24، ڄامشوري ۽ نوشهروفيروز ۾ وڌيڪ 13-13 شهري ڪورونا جو شڪار ٿي ويا. وڏي وزير چيو آهي ته عمرڪوٽ ۾ 11، ٽنڊو الهيار ۾ 10، مٽياري ۽ دادو ۾ 6-6، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 3، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 2_ 2 ڪيسز سامهون آيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 41 مريض فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ فوت ٿيل مريضن جو تعداد وڌي هڪ هزار 89 ٿي ويو. وڏي وزير چيو آهي ته اڄ وڌيڪ 2 هزار 166 مريض صحتياب ٿي گهرن ڏانهن هليا ويا، هيل تائين صحتياب ٿيلن جو انگ 36 هزار 278 ٿي ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جِن علائقن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، اُتان جا رهواسي ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪن ۽ غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔