ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 119ڄڻا فوت

اسلام آباد:ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 119 مريض فوت ٿي ويا. جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 3501 ٿي ويو. 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 4 هزار 951 نوان ڪيس سامهون آيا. مريض 1 لک 76 هزار 617 ٿي ويا.

هينئر تائين ڪورونا جا متاثر 67 هزار 892 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن. ڪورونا جي پکيڙ نه رڪجي سگهي. سڄي ملڪ ۾ ڪيسن ۽ فوتگين جو سلسلو جاري آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 119 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 3501 ٿي ويو. ڪورونا جا وڌيڪ 4 هزار 951 ڪيس سامهون آيا جنهن کان پوءِ مريض هڪ لک 76 هزار 617 تائين پهچي ويا.

ڪورونا جا سڀني کان وڌيڪ ڪيس سنڌ ۾ 67 هزار 353 آهن. پنجاب ۾ 65 هزار 739، خيبرپختونخواهه ۾ 21 هزار 444، بلوچستان ۾ 9 هزار 238، اسلام آباد ۾ 10 هزار 662، گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 278 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 813 ڪيس آهن.

اين سي او سي موجب هينئر تائين ڪورونا جا متاثر 67 هزار 892 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن. 24 ڪلاڪن دوران 29 هزار 855 ٽيسٽ ٿيا جنهن کان پوءِ ٽيسٽن جو گڏيل انگ 10 لک 71 هزار 642 ٿي ويو آهي. 

جڏهن ته ڪورونا وائرس سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون جتي هڪ هزار 407 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. سنڌ ۾ هڪ هزار 48، خيبرپختونخواهه ۾ 808، اسلام آباد ۾ 98، گلگت بلتستان ۾ 21، بلوچستان ۾ 100 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 19 ڄڻا ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔