ايل او سي تي ڀارتي فورس جي فائرنگ: 13 ساله ٻارڙي شهيد

راولپنڊي:ڀارتي فورس لائن آف ڪنٽرول تي شهري آبادي کي نشانو بنايو جنهن جي نتيجي ۾ 13 ساله ٻارڙي اقرا شبير شهيد ٿي وئي. 

رپورٽ موجب ڀارتي فورس هڪ دفعو ٻيهر سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي لائن آف ڪنٽرول تي حاجي پير ۽ بيڊوري سيڪٽرز تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ منسر ڳوٺ جي 13 ساله  ٻارڙي اقرا شبير شهيد ٿي وئي. جڏهن ته فائرنگ سبب ٻارڙي جو پيءُ ۽  ڀاءُ به  سخت زخمي ٿي پيا آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڀارتي فورس طرفان گذريل رات شهري آبادي کي نشانو بنايو ويو جنهن جي جواب ۾ پاڪ فوج طرفان جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي فوج جي فائرنگ جو جواب ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔