اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي اڄ 67 سالگره ملهائي پئي وڃي

ڪراچي: مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي اڄ 67هين سالگره ملهائي پئي وڃي. 1988ع ۾ بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊجي هئي. 1988ع ۾ بينظير ڀٽو کي جلا وطني اختيار ڪرڻي پئي.

2007 ۾ بينظير ڀٽو راولپنڊي ۾ خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿي وئي هئي. اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو 21 جون 1953ع تي ڪراچي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر پيدا ٿي. برطانيه ۽ آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين اڃان هن تعليم مڪمل ئي ڪئي هئي ته سندس پيءُ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو. پيءُ جي ڦاسي کان پوءِ بينظير  ڀٽو کي نظر بندي ۽ جلا وطني جون تڪليفون به برداشت ڪرڻيون پيون.

1986ع ۾ بينظير ڀٽو ملڪ واپس موٽي ۽ 1987ع ۾ آصف علي زرداري سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي. 1988ع ۾ هو تاريخ جي سڀني کان ننڍي عمر ۽ اسلامي دنيا جي پهرين وزيراعظم چونڊجي وئي. پر 20 مهينن کان پوءِ ئي ان جي حڪومت برطرف ڪئي وئي. 1993ع ۾  عوام کيس  ٻيون ڀيرو  حڪمراني واري تخت تي ويهاريو پر 1997ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سندس حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ 1998ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو کي ملڪ بدري اختيار ڪرڻي پئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔