پشاور: دهشتگردي جي انت واري اداري(سي ٽي ڊي) جي بنون ۽ چارسده ۾ ڪارروايون 3 دهشتگرد مارجي ويا.
سينٽرل پوليس آفيس پشاور موجب سي ٽي ڊي بنون ۽ چارسده ۾ ڪارروائي ڪئي جنهن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا. پوليس موجب بنون ۾ آپريشن جي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگرد پوليس ڪانسٽيبل ارمان خان تي حملي ۾ ملوث هئا.
پوليس ٻڌايو آهي ته چارسده ۾ ڪارروائي دوران گهربل دهشتگرد جاويد خان مارجي ويو جنهن جي قبضي مان دستي بم، پستول، پرائما ڪارڊ ۽ سيفٽي فيوز هٿ آيا آهن.