پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ واپارسميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد: پاڪستان ۽ آذربائيچان وچ ۾ واپار، دفاع سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي ۽ انهي حوالي سان ڪيترن ئي معاهدن تي ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون آهن.

وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي راڄڌاني باقو جي صدارتي محل ۾ صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، دفاع، موسمياتي تبديلي ۽ تعليم سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. تقريب ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن(ايم او يوز) تي صحيحون به ڪيون ويون.

انهي موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ واپار ۽ اقتصادي شعبن کي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا موقعا دستياب آهن. جڏهن ته اڄ جن منصوبن جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون آهن انهن کي هڪ مهيني ۾ حتمي صورت ڏينداسين. هن تازن معاهدن کي ٻنهي ملڪن جي لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو.

وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ گڏيل مفاد جا منصوبا ٻنهي عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿينديون.  ٻنهي ملڪن ۾ طئي ٿيندڙ معاهدن کي هڪ مهيني ۾ حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان ۾ صدارتي محل پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، انهي موقعي تي انهن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به وڄايا ويا.

آذربائيجان جي صدر الهام عليوف وزيراعظم شهباز شريف کي صدارتي محل ۾ ڀلڪار چيو جتي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ اهم ڳالهيون ٿيون جن ۾ واپار، توانائي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون کلي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.  وزيراعظم جي اچڻ جي موقعي تي راڄڌاني باڪو ۾ صدارتي محل جي ٻاهران گارڊ آف آنر جي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. انهي موقعي تي آذربائيجان جي اعليٰ اختياريون ۽ پاڪستاني وفد موسم جي خرابي باوجود تقريب ۾ موجود رهيا جتي معزز مهمانن جو پرجوش استقبال ڪيو ويو.

وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کان علاوه ٻيا وزير به شامل آهن. اهم دوري جي دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي مفاهمتي ياداشتن  ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔