ڪراچي: وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته بينڪنگ سيڪٽر قومي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.ڪراچي ۾ پاڪستان بينڪنگ سمٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان بينڪنگ سمٽ 2025 جو انعقاد اهم آهي، اسان حڪومت وٽ 30 ارب رپيا جمع ڪرايا آهن.محمد اورنگزيب چيو ته بينڪنگ سيڪٽر ٽيڪس ادائيگي ۾ تيل ۽ گئس جي شعبي کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، سڀئي ناڻي وارا وزير متفق آهن ته جيڪو اسان جي هٿن ۾ آهي ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.وفاقي وزير چيو ته نجڪاري جي عمل ۽ مالي انتظام کي بهتر بڻائڻو پوندو، ۽ قومي ايئر لائن کي نجڪاري لاءِ واپس آندو ويندو.انهن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر جو ڪم ٽيڪس گڏ ڪرڻ هوندو، جڏهن ته ناڻي واري وزارت ٽيڪس پاليسي ٺاهڻ جي ذميوار هوندي.