برلن:جرمني ۾ شروعاتي پارلياماني چونڊن ۾، الٽرا قدامت پسند ڪرسچن ڊيموڪريٽڪ يونين (سي ڊي يو) ڪاميابي حاصل ڪئي. سڌ سماءَ وارن ادارن موجب جرمن قدامت پسند پارٽي سي ڊي يو جي اڳواڻ فريڊرڪ مرٽز جي جرمن چانسلر بڻجڻ جو رستو هموار ٿي ويو آهي. فريڊرڪ ميرٽز جو تعلق اڳوڻي جرمن چانسلر انجيلا مرڪل جي پارٽي سان آهي پر هن ان جي خلاف پاليسيون اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ فريڊرڪ ميرٽز جو چوڻ آهي ته يورپ کي پنهنجي دفاعي صلاحيت کي وڌائڻو پوندو. فريڊرڪ مرٽز چيو ته آهستي آهستي دفاعي معاملن ۾ آمريڪا کان آزادي حاصل ڪري سگهون ٿا، منهنجي ترجيح يورپ کي جلد کان جلد مضبوط ڪرڻ آهي.