لاهور: ٽن ملڪن جي سيريز جو پهريون ميچ قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو پيو وڃي. نيوزيلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني ڪپتان محمد رضوان چيو ته جيڪڏهن هو ٽاس کٽين ها ته اهي به بيٽنگ اڳ ۾ ڪن ها. ول ينگ ۽ ريچن رويندرا اننگ شروع ڪئي ته پهرين اوور ۾ شاهين آفريدي جا 2 بال مس ڪري ٽئين بال تي چوڪو هڻندڙ ول ينگ چوٿين بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد ڪين وليمسن آيو جنهن انتهائي محتاط انداز ۾ بيٽنگ شروع ڪئي پر رويندرا ٻئي پاسي اسڪور اڳتي وڌائيندو رهيو. رضوان پاور پلي ۾ ٻن اوورن بعد نسيم شاهه کي هٽائي اسپنر ابرار کي بولنگ ڏني جنهن ٽيم جي اٺين ۽ پنهنجي ٻئي اوور ۾ رويندرا کي پنهنجي بال تي ڪيچ ڪري آئوٽ ڪيو. ان کان اڳ رويندرا هن کي چوڪو هنيو هو. 39 جي مجموعي اسڪور تي مهمان ٽيم جي ٻئي وڪيٽ ڪري ۽ رويندرا 19 بالن تي 5 چوڪا هڻي 25 رنز ٺاهي سگهيو. 134 جي اسڪور تي ڪين وليم سن کي شاهين آفريدي ٻئي اسپيل ۾ رضوان هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 7 چوڪن جي مدد سان 89 بالن تي 58 رنز اسڪور ڪيون. جنهن بعد ٽام ليٿم کي حارس رئوف ڪامران غلام هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 3 بال کيڏيا ڪا به رن نه ڍاهي سگهيو. ڊيرل مچل ٻن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 63 بالن تي 54 رنز اسڪور ڪي ففٽي مڪمل ڪئي. 32 اوورن ۾ 161 رنسن تي 4 آئوٽ هئا. 200 جي مجموعي اسڪور تي پنجين وڪيٽ ڪري جڏهن ڊيرل مچل 83 بال تي 81 رنز ٺاهي ابرار جي بال تي خوشدل هٿان ڪيچ ٿيو.