اسلام آباد : وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته کنڊ جو مناسب اگهه مقرر ڪيو ويندو، جنهن لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل پاليسي ٺاهي ويندي. راڻا تنوير حسين جي صدرت هيٺ شگر ايڊوائزري بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي. پڌرنامي موجب اجلاس ۾ کنڊ جي پيداوار جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال پڻ شرڪت ڪئي. جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته اگهن کي قطعي شڪل ڏيڻ لاءِ اجلاس سومر تي طلب ڪيو ويو آهي. راڻا تنوير حسين چيو ته وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي کنڊ جا اگهه مناسب رکندا، کنڊ جي هٿرادو کوٽ ۽ مهانگائي جي خاتمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا. وفاقي وزير چيو ته حڪومت شين جي اگهن ۾ اضافو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪيندي، مارڪيٽ ۾ کنڊ هاڻي به مناسب اگهه تي دستياب آهي.